SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


پئرس پڌرنامو


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


پئرس پڌرنامو

Charter of Paris

چارٽر آف پئرس

نئين يورپ جي جوڙجڪ لاءِ 21 نومبر 1990ع ۾ فرانس جي راڄڌاني پئرس ۾ اهم يورپي مُلڪن کانسواءِ آمريڪا، ڪئناڊا ۽سوويت يونين جي سڏايل سربراهي ڪانفرنس ۾ انهيءَ پڌرنامي تي صحيون ٿيون. هي چارٽر ”هيلسنڪي معاهدي“ جي نتيجي ۾ 1999ع ۾ تبديل ٿيل ”يورپي سلامتيءَ جي پڌرنامي“ مطابق عمل ۾ آيو. انهن ٻنهي دستاويزن جي نتيجي ۾ ”يورپي ملڪن جي سلامتي ۽ تعاون جي تنظيم“ (OSCE) قائم رکڻ لاءِ سهمتيءَ جو ماحول جُڙيو. جيتوڻيڪ انهن دستاويزن تي مڙني ميمبر ملڪن طرفان صحيون به نه ڪيون ويون هُيون. هي چارٽر، ڪميونزم جي زوال کان پوءِ اوڀر يورپ جي مُلڪن کي مغربي يورپ جي نظرياتي ڍانچي جي حصي بنائڻ جي سلسلي ۾ هڪ ڪارائتي ڪوشش سمجهيو وڃي ٿو. سندس اهميت جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته هن دستاويز کي ”ورسيلز جي معاهدي“ (1919ع) ۽ ڪانگريس آف ويانا (1815ع) جيترو ئي اهم ڄاتو وڃي ٿو. پئرس امن ڪانفرنس ۽ برلن ڀت ڊهڻ جي نتيجي ۾ ”لوهي پردي“ جي خاتمي کان پوءِ يورپ ۾ نظرياتي متڀيد ۽ سياسي تڪرارن کي ختم ڪرڻ جي سلسلي ۾ هڪ اهم اڳڀرائي هُئي، جنهن جي نتيجي ۾ جمهوريت، آزاد معيشيت، بين الاقوامي قانون ۽ گهڻ پسنديءَ (Pluralism) وارن اصولن کي سوڀ ملي ۽ گڏيل قدرن ۽ قومي توڙي بين الاقوامي اصولن کي سموري يورپ ۾ پڻ مڃتا ملي. هن چارٽر جي ”جمهوري ادارن ۽ انساني حقن“ واري آفيس، وارسا (پولنڊ) ۾ ۽ ”تڪرارن کان بچاءَ وارو مرڪز ۽ سيڪريٽريٽ ويانا (آسٽريا) ۾ قائم ڪيا ويا. 1992ع ۾ تنظيم جو سيڪريٽري جنرل مقررڪيوويو ۽ اهو به طئي ڪيو ويو ته سياسي صلاح مشوري لاءِ ميمبر ملڪن جا پرڏيهي وزير وقت بوقت ملندا رهندا


Remember Me Also:

ٺري ٺار ڪرڻ

رحم ڪرڻ ، بچاءُ ڪرڻ ، ماتا جي بيماريءَ جو عرصو خير سلامتيءَ سان گذري وڃڻ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal